تذڪره سرو آزاد

تذڪره سرو آزاد: سرو آزاد'>تذڪره سرو آزاد جو مصنف مير غلام علي تخلص آزاد آهي. مير غلام علي حسيني اصل بلگرام جو رهاڪو هو ۽ سندس نسب حضرت زيد شهيد بن امام زين العابدين عليه السلام سان ملي ٿو. مير آزاد 25 صفر 1116هه/18 جون 1704ع تي اوڌ صوبي شهر بلگرام ۾ ڄائو. هوش سنڀالڻ کان پوءِ پنجن ناميارن استادن کان تعليم حاصل ڪيائين. ابتدائي تعليم مير طفيل احمد بلگرامي کان وٺڻ بعد مير عبدالجليل بلگرامي (ناني) کان لغت، حديث، سيرتِ نبوي ۽ ادب، مير سيد محمد دائي کان شعر و شاعري، عروض ۽ فصاحت و بلاغت، شيخ محمد حيات سنڌي کان مديني ۾ مذهبي تعليم ۽ شيخ عبدالوهاب طبطاوي کان مڪي ۾ علم حديث پرايائين. پاڻ پنهنجي سوانح ۾ لکي ٿو ته سڄي عمر ۾ صرف ٽي دفعا بلگرام مان مسافرت ڪيائين. پهريون دفعو شاهجهان آباد (دهلي) ۾ ٻيو دفعو سنڌ ۾ ٽيون دفعو حجاز ڏي حج جي قصد سان ويو. هن نامور اديب، تاريخدان ۽ شاعر 84 سالن جي عمر ۾ سنه 1200/1785ع ۾ وفات ڪئي، ڪنهن شاعر سندس ماده تاريخ وفات هنن لفظن مان ڪڍي آهي ”آه غلام علي آزاد“ (1200هه).
مير غلام علي آزاد بلگرامي جون تصنيفون هي آهن. 1. ديوانِ آزاد، 2. مثنوي (مير عبدالجليل بلگرامي جي جواب ۾)، 3. مثنوي سراپائي عشق، 4. سندة السعادات في حسن خاتمته السادات، 5. غزالان هند، 6. شجره طيبه، 7. روضة الاوليا، 8. مآثرالڪرام، 9. يدبيضا، 10. سرو آزاد، 11. خزانه عامره، 12. ضوالدراري، 13. سبحة المرجان في آثار هندوستان ۽ 14. ديوان آزاد (عربي)، تذڪره سرور آزاد مولف 1166هه/1752ع ۾ مڪمل ڪيو ۽ ديپاچي جي آخر ۾ قطعه تاريخ چئي سن ڄاڻايو آهي.
شنو از قمريان غيب تاريخ
”نشاند آزاد سرو سبز تازه“
1166 هه
مير غلام علي آزاد ان کان سواءِ پهرين باب جي آخر ۾ ”تحرير عالي ڪرد آزاد“ مان ۽ ٻئي باب جي آخر ۾ ”ختم او احسن“ مان سن 1166هه (1752ع) ڪڍيو آهي. هي تذڪرو ٻن بابن تي مشتمل آهي. پهرين باب مير آزاد فارسي جي هڪ سئو ٽيتاليهن شاعرن جو ذڪر ڪيو آهي. جن مان ٽيهه بلگرام جا رهندڙ (بلگرامي) ۽ باقي هڪ سؤ تيرهن مختلف شهرن سان تعلق رکندڙ آهن. هن تذڪري ۾ 1000هه/1591ع کان 1166هه/1752ع تائين جي شاعرن جو ذڪر ۽ ڪلام جو نمونو ڏنل آهي. ٻئي باب ۾ اردو جي اٺن شاعرن جو ذڪر آهي. هي تذڪرو مولوي عبدالحق جي ڪوشش سان لاهور مان 1913ع ۾ شايع ٿي چڪو آهي.


لفظ تذڪره سرو آزادھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو